اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسڪوائش جي ناليواري رانديگر ۽ اڳوڻي عالمي ۽ برٽش اوپن چيمپيئن جان شير خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي جان شير خان جي علاج جي حوالي سان هر ممڪن ??دم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جان شير خان سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فر??غ جي لاءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، توهان کي پنهنجي راند جي ذريعي پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم کي توهان جي ڪاميابين تي فخر آهي، ??ڪو??ت ملڪ ۾ اسڪوائش سميت سمورن رانديگرن جي فر??غ جي لاءِ خاطرخواهه ??دم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي راندين جي ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي ??ڪو??ت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.