اسلام آباد-01 سيپٽمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف ??لي زرداري چيو آهي ته اسان غير قانوني طور تي ڀارت ج?? قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي حقن لاءِ عظيم ڪشميري اڳواڻ سيد ??لي گيلاني جي جرئتمندي واري جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. هو ڏهاڪن تائين مزاحمت ج?? لاٽ بڻيل رهيو ۽ بي شمار ڪشميري?? کي خوداراديت ج?? جدوجهد ۾ ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ڏنو . ڪشميري عوام جي جائز مقصد لاءِ سندس اڻٿڪ محنت ۽ قربانيون اسان جي دل ۽ دماغ تي هميشه نقش رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪي?? بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري اڳواڻ سيد ??لي گيلاني جي ٽئين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر مملڪت چيو ته سيد ??لي گيلاني هڪ عظيم اڳواڻ هو ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ سندس ارادا تمام گهڻا مضبوط هئا. قيد سميت ٻيون ڏکيائيون سندس عزم کي ڪمزور نه ڪر ي سگهيون ۽ هو پنهنجي مشن کان پويان نه هٽيو. هن چيو ته گيلاني صاحب هميشه پنهنجو ڌيان حتمي مقصد تي رکيو ۽ ڪڏهن به ڪشميري عوام کان سندن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ جي جدوجهد کان پويان نه هٽيو . سندس قيادت ڀارتي ظلم خلاف ثابت قدمي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام تي گهرا نقش ڇڏيا آهن . صدر مملڪت چيو ته اڄ اسان اهو عهد ڪيون ٿا ته سيد ??لي گيلاني سميت ٻين ڪشميري اڳواڻن جي قرباني?? کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين . اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. صدر آصف ??لي زرداري چيو ته مان پنهنجي ڪشميري ڀائر?? کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان سندن جائز جدوجهد لاءِ اخلاقي ، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف ??لي زرداري چيو ته اسا?? کي سيد ??لي گيلاني جي مثالي بهادري ۽ جدوجهد مان سبق سکڻ گهرجي. هن ڌڻي در دعا ڪئي ته الله پاڪ سيد ??لي گيلاني تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي.