اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري بلوچستان جي صوبائي بلديات واري وزير سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي لاڏاڻي تي تعز??ت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف عل?? زرداري سردار سرفراز ڊومڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون سردار سرفراز ڊومڪي جي وارثن سان گڏ آهن. صدر آصف عل?? زرداري سردار سرفراز ڊومڪي جي سياسي خدمتن کي ساراهيو ۽ مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.