اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو وي?? آهي، هو 30 سيپٽمبر تي پنهنجون نيون ذميواريون سنڀاليندو. ليفٽيننٽ جنرل عاصم هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊوج??ٽن?? جنرل جا فرض سرانجام ڏئي رهي?? آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ان کان پهريان بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري برگيڊ جي ڪمانڊ ڪري چڪ?? آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم پنهنجي ڪورس ۾ اع??ازي شمشير به حاصل ڪري چڪ?? آهي. ان کان علاوه چيف انسٽرڪٽر اين ڊي يو ۽ انسٽرڪٽر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽه ۾ به مقرر رهي چڪ?? آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ليون ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز ۾ گريجوئيٽ به آهي.