اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آسٽريليا جي هاءِ ڪم??نر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ بارڊر مينيجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ ??هڪ??ر وڌائڻ، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ ??هڪ??ر کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڪينبرا ۽ پسگردائي وارن علائقن تي ٻڌل آسٽريلين ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت اچڻ تي آسٽريلوي هاءِ ڪم??نر جي آجيان ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستاني ٽيم 30 آڪٽوبر تي آسٽريليا جي دوري تي رواني ٿيندي، اميد آهي ته ان دوري دوران ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀرپور ??ان?? ڏسڻ لاءِ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عورت ??ان??يگرياڻين کي بگ بيش لاءِ اين او سي جاري ڪئي ويندي.آسٽريلوي هاءِ ڪم??نر خاطري ڪرائي ته آسٽريليا ٽريننگ، عورتن ۽ نابين ماڻهن جي ڪرڪيٽ ۾ ??هڪ??ر ڪندو. آسٽريلوي هاءِ ڪم??نر گهرو وزير محسن نقوي کي آسٽريلوي ٽيم جون صحيحيون ڪيل ڪرڪيٽ بيٽ پڻ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آسٽريلوي هاءِ ڪم??نر سان ڳالهائيندي چيو ته بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پوري ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا آسٽريليا سميت سمورن ملڪن ڏانهن ٿيل انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي صلاحيتن ۾ اضافي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. آسٽريلوي هاءِ ڪم??نر چيو ته پاڪستان آسٽريليا جي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، وفاقي گهرو وزير آسٽريلوي هاءِ ڪم??نر جي آڇ جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ڊسمبر ۾ آسٽريليا ۾ منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته افغان پناهگيرن جي آسٽريليا منتقلي ۾ پاڪستان هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.