اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي ۽ عالمي قانونن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري وچ اوڀر ۾ سلامتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته لبنان جي خلاف جاري فوجي جارحيت گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ان خط??ناڪ اضافي اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خط??ي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيلي قابض فوج غزه ۾ اٽڪل هڪ سال کان منظم ن??ل ڪشيءَ جي مهم ۾ ملوث ۽ عالمي قانساني قانون جي سنگين خلاف ورزين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي اسرائيل 88 فلسطين??ن جي ڳڙيل سڙيل لاشن جو هڪ ڪنٽينر غزه موڪليو جنهن ۾ متاثر??ن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي موت جي وقت ۽ سبب بابت ڪا معلومات نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته اهو ناقابل معافي وحشياڻو فعل عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي آهي، مرندڙن جا نالا ۽ جنس لڪائي اسرائيلي قابض فوج متاثرين کي انهن جي تڪريم کان محروم ڪيو ۽ انهن جي گهرڀات??ن جي مصيبتن کي وڌيڪ وڌ??ئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته خاندان کي پنهنجي پيارن کي عزت سان دفن ڪرڻ جي حق کان محروم نه ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو مقتول??ن جي سڃاڻپ ظاهر ڪري ۽ انهن جي پونئيرن کي ميتن جي باوقار واپسي کي يقيني بڻائي هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي ان جي عالمي دهشتگردي جي ڪاررواين، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.