اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ملائيشيا جو و??ير??عظم داتوسري انور اب??اهيم 2 کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ساڻس گڏ وزيرن، نائب وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل ??عليٰ سطح جو و??د پڻ هوندو. و??ير??عظم داتوسري انور اب??اهيم و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. بيان مو??ب ٻئي ڌريون واپار، رابطن، توانائي، زراعت، حلال صنعت، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن سميت متنوع شعبن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي وسيع ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، هو علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو و??و آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان ڳنڍيل مضبوط ٻطرفا لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪستان ملائيشيا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.