اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته غزه ۽ ڪشمير سميت علائقائي معاملن ??ي پنهنجي پختي موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي. ان ڳالهه جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. ٻنهي وزيراعظمن ميڊيا کي ٻڌاي?? ته انهن جي ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي مفاد جي ڪيترن ئي شعبن سان گڏوگڏ فلسطين ۽ ڪشمير سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪي?? ته پاڪستان ملائيشيا کي ساليانو 200 ملين ڊالر ماليت جو حلال گوشت ۽ 100000 ميٽرڪ ٽن باسمت?? چانور برآمد ڪندو. ملائيشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪل واپار 1.4 بلين آمريڪي ڊالر رهيو جنهن ۾ پام آئل، ملبوسات، ٽيڪسٽائيل، ڪيميڪل ۽ ڪيميڪل تي ٻڌل مصنوعات ۽ اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ مصنوعات شامل آهن. واضح رهي ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستان ملائيشيا جو ٽيون سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته پاڪستان جي باسمت?? چانور جي برآمد تي خيالن ??ي ڏي وٺ کانسواءِ ٻنهي ڌرين پاڪستان سان ملائيشيا کي ساليانو 200 ملين ڊالر ماليت جو حلال گوشت برآمد ڪرڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي ۽ يقين ڏياري?? ته پاڪستان معيار تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو. هن چي?? ته ملائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان ج?? چانور جي درآمد ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي کانسواءِ دفاع، سياحت، زراعت، گرين انرجي، هنرمند افرادي قوت ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جون راهون ڳولڻ جي لاءِ شاندار اجلاس ٿيو. هن چي?? ته ڌريون ان ڳالهه تي متفق آهن ته ٻئي ملڪ گڏيل طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي نئين بلندين جي جستجو ڪندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي. هن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائيندي چي?? ته هن وقت ملائيشيا ۾ تعليم ??اص?? ڪندڙ هزارين پاڪستاني شاگرد عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪندا. هن چي?? ته ملائيشيا جي ترقي کي انهن سمورن مسلمان ملڪن جي لاءِ رول ماڊل جي طور تي پيش ڪرڻ گهرجي جتي سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ برآمدات ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته ٻنهي ڌرين غزه جي دل ڏکوئيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي جتي معصوم ٻار، مرد ۽ عورتون مارجي رهيا آهن. هن چي?? ته اسرائيلي فوج پاران غيرمعمولي نسل ڪشيءَ ۽ قتل عام تحت غزه ۾ شهرن کي مٽايو پيو وڃي جڏهن ته ٻنهي مُلڪن فوري جنگبندي تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته ٻنهي ڌرين ڪشمير مسئلي تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي جتي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڏيون قربانيون ڏيڻ جي باوجود ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، هزارين ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، ڪيترائي ٿرڊ ڪلاس جيلن ۾ نظر بند آهن ۽ انهن کي سخت سزا ڏني پئي وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن جي روشني ۾ ڪشميرين کي جلد انهن جي خودمختياري جو حق ملي ويندو. وزيراعظم انور ابراهيم چي?? ته ٻنهي ڌرين ڪيترن ئي معاملن ??ي اتفاق ڪيو آهي ۽ فيصلن ??ي تيزي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هن مهيني ڪوالالمپور ۾ ٿيندڙ گڏيل ڪميشن جي اجلاس ۾ ان تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن يقين ڏياري?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جلد ئي ڪراچي ۾ ملائيشين ٽريڊ آفيس کولي ويندي. هن چي?? ته ملائيشيا آءِ ٽي، مصنوعات ذهانت ۽ سيمي ڪنڊڪٽر سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ هنرمند افرادي قوت جي ڳولا ۾ آهي ۽ پاڪستان به اهڙي طرح جي هنرمند افرادي قوت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ملائيشيا جي وزيراعظم چي?? ته ملائيشيا پاڪستان مان هڪ لک ٽن باسمت?? چانور برآمد ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. انور ابراهيم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خطاب کي ساراهيو جنهن ۾ هن غزه جو ڪيس موثر انداز ۾ وڙهيو آهي. هن اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ اسرائيل پاران وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي خلاف پاڪستان جي سخت موقف کي پڻ ساراهيو. هن چي?? ته غزه ۽ لبنان ۾ جاري جارحيت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ نه آهي پر اها عالمي نظام جي خلاف ورزي آهي. هن عالمي برادري جي غيرفعاليت تي پڻ سوال اٿاريو. وزيراعظم انور ابراهيم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪي?? ته ملائيشيا ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ڪاربند آهي ۽ تڪرار جي دوستاڻي حل تي يقين رکي ٿو.