اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ ڊينمارڪ ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. اربع ڏينهن سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب حڪومت پاڪستان طرفان سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيص?? احمد شيخ پائيدار انفرا اسٽرڪچر پراجيڪٽ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف ڊينمارڪ جي صنعت، ڪاروبار ۽ م??لياتي معاملن واري وزير طرفان صحيح ٿيل ايم او يو پيش ڪيو. ان مفاهمتي يادداشت کانپوءِ مارسڪ (ڊينمارڪ جي شپنگ ڪمپني) پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ اٽڪل 2 بل??ن ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر لاءِ ايتري وڏي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. مفاهمتي يادداشتن جي ان تقريب ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان، رٿابندي وارو وزي?? احسن اقبال، صنعت ۽ واپار وارو وزير راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وزير اويس لغاري، ڊائريڪٽر جنرل ايس آءِ ايف سي ميجر جنرل اسد الرحمان به موجود هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير قيص?? احمد شيخ چيو ته اسان ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ان شاندار اڳڀرائي تي ڊينمارڪ جي حڪومت جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ان يادداشت جي نتيجي ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت سمورن بندرگاهن ۾ لاجسٽڪ جي نظام کي جامع ڪري سگهي ٿي. ڪراچي ۾ گَهري پاڻي جو ڪنٽينر ٽرمينل قائم ڪري سگهجي ٿو. عالمي بحري تنظيم ۽ يورپي يونين جي معيار موجب گڏاڻي ۾ جهازن جي ري سائيڪلنگ جون سهولتون بهتر بڻائي سگهجن ٿيوون. پاڪستان ميري اڪيڊمي جي نصاب ۽ ٻين شين ۾ جدت آڻڻ سان گڏوگڏ بندرگاهن کي مسلسل فني ۽ تربيتي مدد فراهم ڪندي. وفاقي وزير قيص?? احمد شيخ پاڪستان جي شپنگ انڊسٽري ۾ مارسڪ ڪمپني جي اهميت تي به روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪنٽينرائزڊ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ مارسڪ وٽ سڀ کان وڌيڪ (20 سيڪڙو) مارڪيٽ شيئرز آهن. ان کانسواءِ ان ڪمپني جو عالمي مارڪيٽ ?? سرمايو اٽڪل 175 بل??ن ڊينش ڪرون آهي. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ڊينمارڪ جي حڪومت ان مفاهمتي يادداشت لاءِ گذريل 6 مهينن کان مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف به ان اڳڀرائي تي پاڪستان حڪومت ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جو ٿورو مڃيو. ٻنهي ڌرين سامونڊي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو ورجاءُ ڪيو.