اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته اسرئيل جي فوج فلسطين گذريل ھڪ س??ل کان ظلم ۽ ??رب??يت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي.سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين چيو آھي ته غزه پٽي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي فوج ط??فا?? وحشياڻي بمباري ۽ قبضي کي ھڪ س??ل مڪمل ٿي ويو آھي. ھن چيو ته پاڪستاني عوام پاران پنھنجي فلسطيني ڀائرن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيون ٿا. اسرائيلي فوج گذريل ھڪ س??ل کان ظلم ۽ ??رب??يت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. عالمي برادري کي فلسطينين جي حالتن تي ڏيان ڏيڻ ۽ تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آھي. اسرائيل ط??فا?? فلسطيني زمين تي ناجائز قبضو عالمي قانون جي ??ليل ڀڃڪڙي آھي. عالمي برادري علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ سازگار ماحول کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري. سينيٽ چيئرمين چيو ته فلسطيني عوام ج?? جائز خواھشن کي تسليم ڪيو وڃي.