اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان جو وزيراعظم زاپاروف اڪيل بيڪ اڱاري ڏينهن اسلام آباد پھچي ويو. نورخان ايئر بيس ت?? پيٽروليم واري وفاقي وزير مص??ق ملڪ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊڪارپيٽ استقبال ڪيو. ان مو??عي تي روايتي لباس پاتل ٻارن معزز مھمان کي گلدستا پيش ڪيا. ٻنھي اڳواڻن پاڻ ۾ خيرسگالي وارن جذبن جو اظھار ڪيو. ڪرغزستان جي وزيراعظم سان اعليٰ سطح وفد پڻ گ?? آھي جنھن ۾ معيشت ۽ واپار وارا وزير، نائب پرڏيھي وزير ۽ ايس سي او لاءِ نائب رابطه ڪار پڻ شامل آھن. ان مو??عي تي پاڪستان ۾ ڪرغزستان جو سفير ۽ سفارتخاني جون ٻيون اعليٰ اختياريون پڻ موجود ھيون.