اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ا??يمبلي شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر آصف علي زرداري، وز??راعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. قومي ا??يمبلي ۾ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر آصف علي زرداري، وز??راعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان صدر آصف علي زرداري، وز??راعظم محمد شهباز شريف، نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار، قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سميت اڳوڻن ??سپ??ڪرن جن علا??قا??ي تعاون ج?? فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدنکي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران مڪمل حمايت جي عزم جي ا??هار کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سمجهي ٿو ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جهڙو ڪو وڏو ايونٽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، هي ايوان حڪومت کي سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابين تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي ايوان سمجهي ٿو ته ايس سي او سربراهه اجلاس سان پاڪستان جو مثبت تشخص اڀريو آهي. ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد سان پاڪستان کي علا??قا??ي واپار ۾ مدد ۽ امن ۽ استحڪام ک?? فروغ ملندو. هي ايوان شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سلامتي جي مسئلن تي اهم ڪردار کي تسليم ڪري ٿو. هي ايوان سمجهي ٿو ته پاڪستان خطي جو اهم ۽ متحرڪ ملڪ آهي، خطي جي اهم علا??قا??ي ۽ سلامتي جي مسئلن تي ايس سي او ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو مضبوط موقف پاڪستاني قوم جي ترجماني آهي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان پاڪستان حڪومت، پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سمٽ جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر کي خوبصورتي سان سجائڻ، مهمانن جي آجيان ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وقار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ سمورن حڪومتي ا??ارن جي خدمتن کي ساراهي ٿو. هي ايوان ايس سي او سمٽ ۾ مهمانن جي پاڪستان اچڻ کان وٺي انهن جي رخصتي تائين جن ادارن ۽ آفيشلز پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، انهن سڀني کي پوري قوم پاران خراج تحسين پيش ڪري ٿو. بعد ۾ قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي.