لاهور-03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ون ونڊو آپريش?? ذريعي بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظها?? وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيه جي بااثر ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ آچر ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ برطانيه جون نامياريون ڪاروباري شخصيتون شامل هيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان تازو ئي ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۽ برطانيه وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ح??الي سان تعاون جون نيون راهون ڳولهڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ تي وزيراعظم جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو.