اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) مواصلات، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته آذربائيجان ۽ ترڪيه جيان بيلاروس کي سيڙپڪاري ۾ ڀائيوار بڻائڻ چاهيون ٿا، شاهراه قراقرم ۽ سي پيڪ جي طرز تي سينٽرل ايشيا تائين واپاري ڪوري??ور جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلاروس جي ٽران??پو??ٽ واري وزير اليڪزسي ليخنو وچ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس مل??قات ڪئي. مل??قات دوران ٻنهي وزيرن خاص طور تي مواصلات جي شعبي ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس اچ وڃ ذريعن جي اپ گريڊيشن ۾ گڏيل ڀائيواري ڪري سگهون ٿا. بيلاروس پي آءِ اي سان سفري سهولتن ۾ ڪار??با??ي سرگرميون وڌائڻ لاءِ تيار آهي. مل??قات ۾ بيلاروس جي وزير، وفاقي وزير کي بيلاروس جي دؤري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد کان ماسڪو سڌي اُڏام تي ڪم جاري آهي. بيلاروس کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. آذربائيجان ۽ ترڪيه جيان بيلاروس کي به سيڙپڪاري ۾ ڀائيوار بنائڻ چاهيون ٿا. شاهراهه قراقرم ۽ سي پيڪ جي طرز تي سينٽرل ايشيا تائين واپار ڪوريڊ??ور جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته بيلاروس جي صدر تي مشتمل 68 ميمبرن جي وفد جو پاڪستان جو دؤرو سٺو سنوڻ آهي، مستقبل ۾ بيلاروس سان جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي سرگرمين ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ٽران??پو??ٽ ۽ گرين انرجي ۾ ماحول دوست قدم کڻڻا پوندا. بيلاروس جي وزير چيو ته پاڪستان سان ريلوي ۽ روڊ ذريعي رابطا وڌائڻ چاهيون ٿا. بيلاروس جي وزير پاڪستان جي مواصلات ذريعن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. مل??قات ۾ مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ بيلاروس جا سينيئر سرڪاري عملدار به موجود هئا.