اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو. ڊپٽي وزيراعظم آفيس طرفان ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان جا??ي بيان ۾ هن سوال ڪيو ته سياسي احتجاج يا ملڪ جي عزت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند؟ هن چيو ته تحريڪ ا??صاف هر ڀيري احتجاج جو سڏ اهڙي وقت تي ڇو ٿي ڏي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هجن، توڙي اهي 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو دورو هج??، 15 -16 آڪٽوبر تي ا??س سي او سمٽ لاءِ دنيا جي سربراهن جو پاڪستان اچڻ هجي يا اڄ کان شروع ٿيندڙ بيلاروس جي صدر جو دورو هجي، جنهن لاءِ سندس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون پهچي چڪيون آهن. محمد اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو.