اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب ??زيراعظم سي??يٽ?? محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته تحريڪ انصاف بار بار احتجاج جو سڏ اهڙي وقت ۽ انهن ڏينهن تي ڏئي ڇو ٿي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هُونديُون آهن. نائب ??زيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب محمد اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ جو سياسي احتجاج، ملڪ جي عزت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند آهي. نائب ??زيراعظم چيو ته ڀلي اهو 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو دورو هجي، 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي ايس سي او سمٽ جي لاءِ ملڪي سربراهن جي آمد هجي يا بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو جنهن جي لاءِ سندس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون اسلام آباد پهچي ويون آهن. هن چيو ته خد??را پنهنجي گندي سياست کي پاڪستان تي اهميت نه ڏيو.