لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو
آهي ته ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي،
پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ کي بنيادي حق حاصل آهن، مس??حي برادري جي
خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان. پنهنجي تڪ ۾ ڪرسمس جي حوالي
سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ
اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، پاڪستان ۾ اقليتن کي تحفظ ۽ سمورا
بنيادي حق حاصل آهن. مس??م ليگ (ن) جي حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ
لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. مس??حي اسان جا ڀائر آهن انهن جي
خوشي اسان جي خوشي آهي، اسان ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ
آهيون، هن چيو ته گڏج?? پورو هفتو مس??حي ڀائرن سان ڪرسمس جون خوشيون
ملهائينداسين، گرجاگهرن تي خصوصي طور روشنين جو بندوبست ڪيو ويندو.
هن چيو ته مان پنهنجي تڪ مان 70 هزار مس??حي برادري جا ووٽ کڻي
اسيمبلي پهتو آهيان، مون کي ووٽ ڏئي اوهان مون تي جيڪو اعتماد جو اظهار
ڪيو آهي ان ت?? پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. مس??حي ڀائرن سان ڪيل واعدا
ياد آهن، جلد ترقياتي رٿائن جي شروعات ڪئي ويندي. وفاقي وزير مس??حي
برادري جي علائقن ۾ گرجا گهرن جي تعمير، مرمت ?? رنگ روغن جي خاطري
ڪرائي. بعد ۾ وفاقي وزير عطا الله تارڙ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽي?? ۽ ??سيحي
برادري کي مبارڪون ڏنيون.