رياض – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ۽ ف??انس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهشن جو پڻ ورجا??ُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف جي ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ٻطرفي ملاقات ٿي. وزيراعظم رياض ۾ ون واٽر سمٽ جي ڪامياب گڏيل ميزباني تي صدر ميڪرون کي مبارڪباد ڏني. ??وس??ياتي تبديلي ۽ ترقياتي معاملن تي فرانس جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ صدر ميڪرون جي پاڪستاني عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ف??انس جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان فرانس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن بشمول سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ف??انس کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن خاص طور تي ??وس??ياتي موافقت ۽ قابل تجديد توانائي مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش جو پڻ ورجا??ُ ڪيو.