راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪو ٽڪس (اي اين ايف) منشيات اسمگلنگ خلاف تعليمي ادارن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جا??ي ڪريڪ ڊائون دوران وڌيڪ چئن ڪارراوين جي نتيجي ۾ 4 جوابدار گرفتار ٿيا، اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جا??ي ڪيل تفصيلن موجب ڪاررواين دوران 20 لک روپين کان وڌيڪ جي ماليت جي 16.7 ڪلوگرام منشيات ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو، ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ويجهو جوابدارن جي قبضي مان 5 ڪلو چر?? هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ ٻي يونيورسٽي ويجهو جوابدارن وٽان 2 ڪلو چر?? ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو. ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آ??ي، ٻين ڪاررواين دوران سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ وٽان بحرين ويندڙ مسافر وٽان 2.5 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي، هوڏانهن راءِ ونڊ روڊ قصور ويجهو رڪشا ۾ لڪايل 7.2 ڪلوگرام چر?? هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.