اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ ??رپ??س حاصل ڪرڻ تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو نومبر 2024ع ۾ پاڪست??ن جو ڪرنٽ اڪائونٽ ??رپ??س 729 ملين آمريڪي ڊالرز تي پهچي وڃڻ ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي، مهانگائي ۽ ناڻي واڌ ۾ ترتيبوار گهٽتائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ ??رپ??س ۾ اضافو حڪومت جي مثبت معاشي پاليسين جو واضح ثبوت آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ ??رپ??س ۾ رڪارڊ اضافي سان پاڪست??ن جي عالمي معاشي مارڪيٽ ۾ پوزيشن مستحڪم ٿيند??. ه?? چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ ??رپ??س سان پاڪستاني معيشت ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.