اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شه??د نشان حيدر جو ملڪ سان عهد وفا ۽ ملڪ جي دفاع جي لاءِ پنهنجي جان تائين قربان ڪري ڇڏڻ جو جذبو نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي، هن دشمن جي طاقت ۽ عددري برتري جي نشي کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، 1971ع ۾ واهگه بارڊر تي مثالي بهادري جو مظاهرو ڪندي لانس نائيڪ محمد محفوظ شه??د نشان حيدر دشمنک ي پسپا ڪندو رهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 1971ع جي جنگ ۾ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهادت ماڻيندڙ لانس نائيڪ محمد محفوظ شه??د نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته 1971ع ۾ واهگه بارڊر تي مثالي بهادري جو مظاهرو ڪندي لانس نائيڪ محمد محفوظ شه??د نشان حيدر دشمن کي پسپا ڪندو رهيو، لانس نائيڪ محمد محفوظ شه??د نشان حيدر دشمن جي طاقت ۽ عددي برتري جي نشي کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شه??د فرض شناسي ۽ حب ا??وطني جي اها شيهي جي ديوار ثابت ٿيو جنهن ملڪ کي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کان محفوظ رکيو، لانس نائيڪ محمد محفوظ شه??د نشان حيدر جو ملڪ سان عهد وفا ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان تائين قربان ڪري ڇڏڻ جو جذبو نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم چيو ته م??ن سميت پوري قوم کي پاڪ فوج جي شه??دن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر ??هي. پاڪستاني قوم ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.