اسلام آباد?? 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن جو هيليڪاپٽر پارا چنار ۾ دوائن جي فراهمي، مريضن جي منتقلي ۽ ٻين امدادي س??گرمين جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? جي هدايت تي پارا چنار ۾ امدادي س??گرميون جاري آهن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وزيراعظ?? جي هدايت تي پارا چنار جي ٻارن، عورتن ۽ بزرگ ماڻهن ??ي ايمرجنسي طبي ضرورتن جي لاءِ دوائون پهچائڻ جو اهم ريليف آپريشن ڪري رهي آهي. وزيراعظ?? جي هدايت تي 500 ڪلوگرام دوائون کڻي پهريون هيليڪاپٽر اڄ پارا چنار پهتو، واپسي تي اهو 4 مريضن کي علاج جي لاءِ اسلام آباد کڻي آيو. ٻيو هيليڪاپٽر اڄ ٻنپهرن ??و وڌيڪ 500 ڪلوگرام دوائون کڻي اسلام آباد کان پارا چنار جي لاءِ روانو ٿيندو جيڪو واپسي تي اتان مريضن کي اسلام آباد کڻي ايندو. سندس چوڻ هو ته ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پارا چنار ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون.