اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشنيءَ ۾ رائيٽ سائزنگ ڪم??ٽي جي مختلف ??زا??تن ۽ کاتن ۾ رائٽ سائزنگ جي سفارشن جو جائزو وٺي وف??قي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته ڄاڻايل ڪم??ٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن ۾ رائٽ سائزنگ لاءِ ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪُجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وف??قي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، وف??قي ڪابينا ۾ حڪومت جي رائٽ سائزنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪم??ٽي واپار واري ??زا??ت، هائوسنگ ۽ ورڪس واري ??زا??ت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري ??زا??ت ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن جي رائٽ سائيزنگ جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون. ڪم??ٽي ڄاڻايل ??زا??تن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪم??ٽي انهن ??زا??تن جي سيڪريٽريٽ ۾ عملي جون پوسٽون 30 سيڪڙو گهٽائڻ جي به ??جو??ز ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن سفارشن جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. ڪابينا ميمبرن انهن ??جو??زن تي پنهنجي راءِ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ انهن ??زا??تن جي رائٽ سائزنگ بابت سفارشن ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو وڃي ۽ رپورٽ ٻيهر وف??قي ڪابينا ۾ پيش ڪئي وڃي. وف??قي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي وف??قي ڪابينا کي پارا چنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارا چنار ۾ امد??دي سرگرميون جاري آهن ۽ ان حوالي سان وف??قي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون گڏيل طور تي امد??دي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پارا چنار مان مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيلي ڪاپٽر مخصوص ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پارا چنار جي سمورن اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويو آهي.