لاڙڪاڻو – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ?? سندس مزار تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي پڻ گل چاڙهيا. صدر ڀٽو خاندان جي شهيدن جي ايصال ثواب لا??ِ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.