اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. گهرو وزير، مولانا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس صحت جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪي پي ڪي خاص ڪري ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي. محسن نقوي ۽ مولانا فضل الرحمان امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار آمد تي اطمينان جو اظ??ار ڪيو. گهرو وزير چيو ته ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ سمورين ??ُر??ن کي اعتماد ۾ ورتو آهي، ڪجهه ??ُر??ون ڄاڻي واڻي ڪرم معاملن کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتريءَ لاءِ گرينڊ جرڳي جي مخلصفاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان پُراڻي نيازمندي آهي ۽ پاڪستان ج?? سياست ۾ مولانا فضل الرحمان جو ??اڪاري ڪردار تعريف جوڳو آهي.