اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترجيحي شعبن جي هفتيوار جائزي جي سلسلي ۾ زراعت جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي و??ير??، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي پائيدار ترقي و??ري پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ٺاهيل فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني و??ي ۽ ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ کي فني طور تي مڪمل ڪري فوڊ سيڪيورٽي و??ري و??ارت جي حوالي ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ جي مدد سان فيصلا سازي لاءِ گهربل ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ کي صوبن جي مدد سان يقيني بڻايو پيو وڃي، ان جي لاءِ صوبن جي لاڳاپيل کاتن جي صلاحيت وڌائي پئ?? وڃي، اهو به ٻڌايو ويو ته ڊيٽا حاصل ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري ذريعن کان يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڊيش بورڊ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ کانسواءِ گهٽ مدي و??ري جنسن جهڙوڪ ڀاڄين جي کپت ۽ دستيابي جي نگراني به ڪئي ويندي.