اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته جيستائين ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائين ٽيڪس چوري روڪي نٿي سگهجي، شوگر انڊسٽري، سيمنٽ انڊسٽري، فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ سگريٽ انڊسٽري ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، 40 س??ڪڙو سگريٽ بليڪ تي وڪرو ڪيا ويندا آهن، اڻ سڌي ٽيڪسن جو بار عوام کي کڻڻو پوندو آ??ي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو منع نامو ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ملڪ جي چونڊ ن??ام کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي کان ڪابينا جي هر اجلاس ۾ آگاهه ڪ??ڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.