اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ڪيسز ۾ نواز شريف جون ??پيلون ??ارج ڪري ڇڏيون ??هن، عدالتي فيصلي سان پاڪستان جي عوام جي فتح ٿي آهي، ان ڪيس ۾ نواز شريف جا ٻئي پٽ مف??ور آهن، اهو ڪيس احتساب عدالت ۾ 9 مه??نا هليو جنهن ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي سزائون ٿيون، اهي فليٽس حديبيه پيپرز ملز جي نالي تي مني لانڊرنگ سان خريد ڪيا ويا، شريف فيملي کي قوم جو لُٽيل پئسو واپس ڪرڻ گهرجي. ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ڪيس جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انهن ٻنهي ڪيسن ۾ نواز شريف جون ??پيلون ??ارج ڪري ڇڏيون ??هن، اهو ڪيس احتساب عدالت ۾ 9 مه??نن تائين هليو جنهن ۾ نواز شريف کي 10 سال، مريم نواز کي 7 سال ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ سال جي سزا ٻڌائي وئي، نواز شريف جا ٻئي پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز ان ڪيس ۾ مفرو?? آهن. هن چيو ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽ جو ڪيس انهن چار اپارٽمينٽس جي باري ۾ آهي جيڪي لنڊن جي مهانگي ترين علائقي مي فيئر ۾ موجود آهن جنهن ۾ نواز شريف هاڻي به رهي ٿو، هن چيو ته انهن اپارٽمينٽس جو ڪيس 2016ع ۾ ان وقت سامهون ??يو جڏهن مريم نواز جو چوڻ هو ته سندس لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هن چيو ته 2017ع ۾ نواز شريف برطرف ٿيو، اهي ڪيس احتساب ۾ 9 مه??نا هليا، ان ۾ احتساب عدالت سمورن ثبوتن کي نظر ۾ رکندي چيو ته نواز شريف پنهنجي جائيداد جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهايو، اها پراپرٽي نواز شريف جي ملڪيت آهي، مريم نواز جيڪو حلف نامو جمع ڪرايو هو اهو به جعلي هو، هن چيو ته اڄ جو فيصلو يقيني طور تي پاڪستان جي عوام ۽ تحريڪ انصاف جي فتح آهي.