اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب کي او آءِ سي جي 48 هين اجلاس ۾ پرڏيهي وزيرن جي استقبال لاءِ مهمانداري وزير نامز?? ڪري ڇڏيو آهي، اس??ام آباد ۾ 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي جو اهم اجلاس منعقد ٿي رهيو آهي. او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير آچر جي ٽپهر نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ اس??ام آباد پهچڻ شروع ٿيندا. مهمانداري وزير فرخ حبيب او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ج?? پرڏيهي وزيرن جي آجيان ڪندو.