اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٽي بي جي خاتمي لاءِ گلوبل فنڊ جي تجويز ڪيل قدمن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي ڀرپور ??عاون جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت معاشري جي سمورن ط??قن کي معياري ۽ مناسب صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه مختلف اسرندڙ ملڪن ۾ م??ضن جي خاتمي لاءِ صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ گلوبل فنڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پيٽرز سينڊز جي قيادت ۾ اعليٰ عهديدارن ج?? هڪ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.