سيالڪوٽ – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ايمرجنسي ڪيش ٽرانسفر پروگرام شروع ڪيو آهي، حقدار کي ان جو حق ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سڄي ملڪ ۾ 13 لک 80 هزار خاندانن ۾ 16 ارب رپين کان وڌيڪ ورهائجي چڪا آهن. ان م??قع?? تي هن مسيحي برادري کي ايسٽر جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪورونا جي ڪري ايسٽر جو ڏڻ سادگي ملهايو پيو وڃ??. س??ورين عبادتگاهن ۾ ملڪي ترقي سان گڏ ڪورونا جي خاتمي لاءِ ??عائون ڪيون پيون وڃن.