اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خاص معاون عثمان ڊار ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي ٽائيگر فورس متحرڪ ڪرڻ کانپوءِ پهرين رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب عثمان ڊار صوبائي حڪومتن جي تعاون ۽ انگن اکرن تي پڻ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته رجسٽرڊ نوجوان محنت ۽ ??گن سان ڏني ويندڙ ذميوارين کي ادا ڪري رهيا ??هن، يونين ڪائونسل جي سطح تي ٽائيگر فورس پاران بيروزگار ماڻهن جي رجسٽريشن ۾ پڻ مدد ملي.