اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پ??ري قوم ۽ ا??لامي دنيا ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني جي لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي، عوام ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي تدبيرن کي هرگز نظرانداز نه ڪري، قرباني جي عيد جي هن موقعي تي قرباني جي جذبي سان سرشار ٿي غريبن ۽ ضرورتمندن جي وڌي چڙهي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پ??ري پاڪستاني قوم ۽ ا??لامي دنيا ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خوشي جو هي موقعو اسان جي زندگي ۾ خوشيون ۽ ڪاميابيون کڻي ايندو. صدر چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي برگزيده ماڻهن ??ي مختلف امتحانن ۾ وجهي آزمايو، اهي بزرگ هستيون انهن امتحانن ۾ پ??ري طرح سرخرو ٿيون، آزمائش ۽ امتحان جي صورتحال ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي.