اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪابينا اجلاس جي آغاز تي ميمبرن وزيراعظم کي زبردست خراج تحسين پيش ??يو جهڙي طرح هن شاندار قيادت جي ذريعي مشڪلاتن ۾ گهيريل ملڪ کي بحرانن ما?? ڪڍيو ۽ ڪووڊ 19 کي منهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان قابل تقليد ڪردار ادا ??يو ۽ گڏيل قومن ۾ وزيراعظم نهايت جرائتمنداڻي انداز ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو، ڪابينا اجلاس ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي، ڪجهه ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽريز کي تبديل ڪ??ڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن جا تفصيل جلد جاري ڪيا ويندا، پينشن ۽ حج فنڊ قائم ڪ??ڻ جو به فيصلو ??يو ويو، وفاقي ڪابينا پي ٽي و?? ملازمن لاءِ لازمي سروسز ايڪٽ 1953ع جي نفاذ جي منظوري ڏني، نواز شريف جي دور ?? اهليت ۽ قابليت جي معيار صرف درٻاري هئڻ هو، نواز شريف جي قابليت پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ عوام کي انڌيري ۾ رکڻ جي هئي، ملڪ لاءِ هر ايندڙ سٺي خبر مخالف ڌر لاءِ بري خبر هوندي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ دوران ڪيو.