اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ??و، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ پارليماني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضر??رت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پا??لي??مينٽ هائوس ?? آن لائن ميٽنگ جي دوران ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻئي ملڪ غربت، انساني حقن جي بهتر فراهمي، برابري، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن جهڙن چئلينجن لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپا??لي??ماني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پا??لي??ماني اسيمبلي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آهن ۽ ٻنهي مل??ن جي پا??لي??مينٽ ان گهڻ رخي فورمز مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.