اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، ??وج نه هجي ها ته پاڪستان جو حال به عراق، افغانستان، ??من ۽ شام سميت ٻين مسلمان ملڪن وانگر هجي ها، اڳوڻين حڪومتن عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان کل??ل بدديانتي ڪئي، ادارن ۾ پنهنجي پسند جي ماڻهن کي ويهاري اهڙو نيٽ ورڪ ٺاهيو جيڪو بدعنوانين ۾ انهن جي لاءِ سهولتڪاري ڪندو هو، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اڳتي وٺي ويا. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جن??ن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ان جي سڄي فيملي ڪاروبار ڪندي هجي اهو ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن تعليم ۽ صحت جي شعبن سميت عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو.