اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ا?? سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي ا?? سي پاران جاري ڪيل ان??ن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 659 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 7 مريض ??سپ??الن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 33 هزار 901 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 687، پنجاب ۾ 11 هزار 678، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 330، اسلام آباد ۾ 4 هزار 985 ، بل??چ??تا?? هڪ هزار 29 ، گلگت بلت??تا?? ۾ 518، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 5 هزار 835 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بل??چ??تا?? ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 74 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ا??ڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 421 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 21 هزار 877 آهي.