اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته م??الف ڌر جو گوجرانوالا جلسو فلاپ شو هو، اهي ماڻهو ذاتي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن ان جي لاءِ عوام ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل هڪ ٽولي کي سپورٽ نه ڪندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سمجهندي هئي ته اقتدار انهن جو پيدائشي حق آهي ۽ اهي سدائين واريون وٺندا رهندا پر وزيراعظم عمران خان اچي انهن کي اقتدار کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ هاڻي هٿ پير هڻي رهيون آهن، نواز شريف گذريل 40 سالن کان انهي نظام جو حصو رهيو آهي، هاڻي ڪٿان انقلابي اچي ويو، نواز شريف ۾ جيڪڏهن جرئت آ??ي ته وطن واپس اچي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن توهان ذاتي ايجن??ا کڻي هلندا ته قو?? پٺيان نه ايندي، وزيراعظم عمران خان قو??ي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي ان لاءِ پوري قو?? ان سان گڏ بيٺل آهي.