GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن پنهنجي جانبازن، شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن پنهنجي جانبازن، شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، قوم کي پنهنجي شهيدن تي سدائين فخر رهندو، جن ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ڀارت پاڪستان ۽ علائقي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت ۾ اقليتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان جي بهادر قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته زندهه قومون آزمائشن مان گذري اڃا وڌيڪ مضبوط ٿينديون آهن. 1965ع ۾ جڏهن دشمن اسان جي آزادي ۽ بقاءَ کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستاني قوم مضبوط جبل وانگر ان جي آڏو ڄمي وئي. 6 سيپٽمبر تي ڀارت پاڪستان تي اڻ اعلانيل جنگ مڙهي ته پوري قوم وطن جي محافظن جي حمايت ۾ اٿي بيٺي، ڪيترائي ماڻهو پيادل ئي سرحدن طرف هلي پيا. قومي هم آهنگي ۽ يڪجهتي جي ان عظيم مظاهري اسان جي بهادر هٿياربند فوج جي جذبن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو ۽ دشمن جي خلاف ان بي خوفي سان وڙهي ته دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. اسان جي بهادر آفيسرن، جوانن ۽ پائليٽن دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو ته ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار آهي، ڀلي ان جي لاءِ انهن کي ڪهڙي به قيمت ادا ڪرڻي پوي. اهي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ جرئت ۽ بهادري سان وڙهيا ۽ عظيم قربانيون پيش ڪندي ملڪ جي دفاع جو فرض نڀائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن هر سال اسان کي پنهنجي هيروز، هٿياربند فوج جي جانبازن ۽ خاص طور تي انهن شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جيڪي سدائين کان قوم جي اميد ۽ فخر رهيا آهن. اسان ملڪ جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجون قيمتي جانيون قربان ڪندڙ قوم جي انهن بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان شهيدن جي فيمليز کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي پيارن کي ملڪ تي نڇاور ڪري ڇڏيو. اڄ هي ڏينهن ملهائيندي آئون اهو چوندس ته دشمن ڪڏهن به پرامن گڏيل بقاءَ جو مظاهرو نه ڪيو. پر پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ان پاڪستان تي ڪيتريون ئي جنگيون مڙهيون آهن. 1948ع، 1965ع يا 1971ع هجي يا ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل دهشتگردي جي خلاف جنگ، پاڪستان جي اندر تخريبي سرگرميون هجن يا پوءِ سائبر وار فيئر جي ذريعي پروپئگنڊه، دشمن اسان جي خلاف ڪارروايون ڪندو آيو آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڀارت افعان سرزمين کي پاڪستان ۾ بدامني ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ استعمال ڪندو رهيو. اڄ جي ڏينهن اسان انهن ڪڌا حربا اختيار ڪندڙ عنصرن جي مذمت ڪندي پنهنجي بهادر فوج کي خاص طور تي ملڪ جي لاءِ انهن جي لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. عالمي دنيا کي ان جارحاڻي رويي تي ڀارت کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. اسان کي فخر آهي ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪيو آهي. دنيا ڄاڻي وئي آهي ته ڪهڙي طرح هو علائقائي ۽ خاص طور تي پاڪستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. اسان جي حڪومت جي موثر پرڏيهي پاليسي جي ڪري عالمي برادري هاڻي ڄاڻي چڪي آهي ته ڪهڙي طرح ڀارتي حڪومت پوري ڀارت ۾ اقليتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري رهي آهي. اها ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته امن جو واحد رستو ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل آهي. ڀارت کي جلد يا دير سان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو. اسان ڀارت جو انتهاپسنداڻو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪندا رهنداسين. عالمي برادري جون معتبر ڌريون، امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي تسليم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي آئون هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان جي امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري هرگز نه سمجهيو وڃي، پر هن خطي جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ بهتري جي لاءِ ان جو جواب انهي مثبت انداز ۾ ڏيڻ گهرجي. اڄ جي ڏينهن آئون پنهنجي بهادر هٿياربند فوج کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي. اسان جي حوصلي واري قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي نه رڳو ڀرپور صلاحيت رکون ٿا پر ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهيون. اچو، سيپٽمبر جنگ جي ولولي انگيز جذبن کي پنهنجي دلين ۾ سدائين تازو رکون. اهو جذبو اڳتي درپيش سمورن چئلينجز ۾ سرخرو ٿيڻ جي لاءِ ڪافي آهي. اچو، پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان وچن کي ورجايون ته اسان ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ بقاءَ جو تحفظ هر قيمت تي ڪندا رهنداسين. پاڪ فوج زندهه آباد، پاڪستان پائنده آباد.

مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری