اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته شديد برساتن ۽ ٻوڏ متاثرين جي 15 لک خاندانن ۾ 25 هزار في خاندان جي حساب سان 37 ارب رپيا ورهايا ويندا، تازين برساتن ۽ بوڏ سبب شديد تباهي ٿي آهي، بلوچستان صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، اسان سڀني کي گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏيڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شديد برساتن ۽ ٻوڏ متاثرين ۾ روڪ مال?? امداد ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، مفتاح اسماعيل، احسن اقبال، شاهه زين بگٽي ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار سميت ٻيا پڻ موجود هئا. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي ??زي?? شازيه مري تقريب ۾ آن لائين شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ سوين ماڻهو فوت ۽ بي گهر ٿيا آهن، انهن جي چوپائي مال، گهرن ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي، سڀ کان وڌيڪ تباهي بلوچستان صوبي ۾ ٿي آهي، بلوچستان ۾ بوڏ متاثرين جي ??اءِ امدادي ڪاررواين دوران ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سميت پاڪ فوج جا 6 آفيسر شهيد ٿيا آهن، ٻوڏ صورتحال دوران مون ذاتي طور تي پاڻ مختلف علائقن جو دورو ڪيو. هن چيو ته اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ صوبن ۾ پي ڊي ايم اي، صحت جي کاتن ۽ اين ايڇ اي سميت ٻين ادارن گڏج?? امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو. ??زي??اعظم چيو ته اڄ ٻيهر طوفاني برساتون شروع ٿيون آهن، سنڌ جي ??ڏي ??زي?? ٻڌايو ته اندرون سنڌ ۾ شديد برساتون ٿي رهيون آهن، اهڙي طرح بلوچستان ۾ به شديد برساتن ٿي رهيون آهن. شهباز شريف چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پوري قومک ي متحد ٿي ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو آهي، صوبن ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي ان مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته 15 لک متاثر خاندانن کي في خاندان 25 هزار رپيا روڪ امداد ڏني ويندي، انهن خاندان جي ??جموعي ماڻهن جو انگ 90 لک بڻجي ??و، انهن خاندان کي اها امداد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي شفاف طريقي سان ڏني ويندي، امداد فراهمي جي شروعات جهل مگسي کان ٿي چڪي آهي. ??زي??اعظم چيو ته امداد فراهمي جو اهو عمل ٽن ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻئي مرحلي جي ??اءِ اين ڊي ايم اي ۽ صوبا گڏجي سروي ڪري رهيا آهن، ان سروي ۾ تعين ڪيو ويندو ته فصلن کي ڪيترو نقصان پهتو آهي، گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿيا آهن، رستن ۽ انفراسٽرڪچر جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ان جو ڪاٿو لڳايو ويندو، صوبن سان گڏجي بحالي جي ??اءِ قدم کڻنداسين. شهباز شريف چيو ته هي سڀني جي ??اءِ بهترين موقعو آهي ته اسان سياسي اختلاف راءِ کي هڪ طرف رکي ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪريون، انهن جو سهارو بڻجون، پاڪ فوج، سول ادارا ۽ وفاقي صوبائي حڪومتون بحالي جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، سياسي فرق کان مٿانهون ٿي اسان ان چئلينج کي منهن ڏينداسين. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين ج?? امداد لاءِ 37 ارب رپيا فراهم ڪرڻ تي ناڻي واري ??زي?? جو ٿورائتو آهيان. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي ??زي?? احسن اقبال تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر ماڻهن کي هنگامي بنيادن ت?? امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، پاڪستان موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ پنجن ملڪن ۾ شامل آهي جڏهن ته پاڪستان گهٽ آلودگي پ??دا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ??زي??اعظم جي ??دايت تي ٻوڏ متاثرين جي ??اءِ ڪميٽي ٽن مرحلن ۾ ڪم ڪيو، پاڪ فوج ۽ لاڳاپيل صوبن جي تعاون سان متاثرين جي گهرن کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويندو ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان متاثرين جي بحالي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي ??زي?? شازيه مري آن لائين خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان، سنڌ، پنجاب سميت سمورن متاثر علائقن جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثر خاندانن کي في خاندان 25 هزار رپين ج?? امداد شفاف بنيادن تي فراهم ڪئي ويندي، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ??ر ممڪن مدد ڪري رهي آهي. ان موقعي تي جهل مگسي ۾ متاثرين ک?? امداد جي ??راهمي جي شروعات ڪئي وئي آهي.