اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي نگران وزيراعظم مير بلخ شير مزاري ج?? لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف بلخ شير مزاري جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم ج?? لاءِ سندس خدمتون دير تائين ياد رکيون وينديون. وزيراعظم چيو ته بلخ شير مزاري، مزاري قبيلي جي سردار ۽ ملڪي سياست ۾ ه?? اهم ڪردار رهيو، هو بلوچستان صوبي ۽ پاڪستان جي سياست جي قدآور شخصيت هو. هن دعا ڪئي ته الله تعالي?? مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونيئرن کي ص??ر جميل عطا فرمائي.