اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ ۽ بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪر??شن کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ ??رعزم، ٺوس ۽ مخلصاڻيون ڪوششون ڪرڻ سان ئي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان اڀري سگهي ٿو. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته معاشري جي سمورن طبقن جي ڪوششن کانسواءِ ڪر??شن جو خاتمو ممڪن نه آهي، ڪر??شن عدم استحڪام ۽ غربت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? ٿي. ڪر??شن ڪمزور ملڪن کي رياستي ناڪامي طرف وٺي وڃي ٿي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ بدعنواني جي خاتمي ۽ احتساب کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ بدعنواني جي سمورين صورتن کي ختم ڪرڻ، حڪومتي نظام ۾ شفافيت ۽ احتساب جي فروغ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ ۽ بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ ضروري آهي. ڪر??شن اسرندڙ ۽ ترقي يافته ملڪن کي درپيش هڪ سنگين چئلينج آهي، اخلاقي ۽ مالي ڪر??شن اسان جي قوم کي درپيش سنگين خطرن جي ذميوار آهي. هن چيو ته معاشري کي ان لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ??سلسل ڪوششون، موثر نگراني ۽ ڪنٽرول، پرعزم قيادت ۽ هڪ فعال معاشري جي ضرورت آهي. بدعنواني ??فاع کي ڪمزور ڪر?? ٿي ۽ اقتصادي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪر??شن قوم کي قيمتي ۽ ناياب سرڪاري ۽ نجي وسيلن کان محروم ڪر?? ٿي. سماجي ۽ اقتصادي فرق پيدا ڪر?? ٿي ۽ اقتصادي ڍانچي کي کائي وڃي ٿي. ڪر??شن رياستي ادارن جي ڪمزوري جو به سبب بڻجي ٿي. صدر چيو ته بدعنواني جي خاتمي جو عالمي ڏهاڙو اسان کي بدعنواني جي خلاف جنگ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪر?? ٿو. بدعنواني جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي جي لاءِ ??وري طرح پرعزم ٿيڻ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪر??شن جي خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ذهانت، مهارت ۽ توانائين مان فائدو وٺڻو پوندو. معاشري جي سمورن طبقن جي ڪوششن کانسواءِ ڪر??شن جو خاتمو ممڪن نه آهي. بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ، بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اخلاقي قدرن، انصاف ۽ سڀني جي لاءِ ??ڪ جهڙن موقعن تي ٻڌل سڌارن ۾ سول سوسائٽي جو ڪردار اهم آهي. بدعنواني جي خاتمي لاءِ ??وس ڪوششون موثر ۽ پائيدار ٿي سگهن ٿيون. بدعنواني کي منهن ڏيڻ، شفافيت جي فروغ لاءِ ??ارلياماني نگراني وڌائڻ سان گڏ قانونسازي انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته بدعنواني کي پرکڻ ۽ انصاف جي ادارن جي صلاحيتن کي وڌائڻ به ضروري آهي. هڪ مضبوط سول سوسائٽي ۽ آزاد پريس عوامي عهديدارن کي ان جي عملن جو ذميوار قرار ڏيڻ جي لاءِ اهم آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي بدعنواني کي روڪڻ جي لاءِ اهم ڌرين ۽ ماڻهن کي متحد ڪرڻ گهرجي.