اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزارت ملڪي معاشي صورتحال جي حوالي سان ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ گردش ڪندڙ ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط کي بي بنياد ۽ جعلي قرار ڏنو آهي. ا??لا??ات واري وزارت جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط جعلي آهي. ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غ??را??لاقي ۽ غيرقانوني قدم آهي پر اهو قومي نقصان جو به سبب آهي. غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. واضح رهي ته جعلي خط ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين سهولتن ۾ گهٽتائي جو ذڪر آهي.