اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تب??هي آڻيندڙ جنگي حڪمت عملين کان پ??سو ڪرڻ ۽ پرامن حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي ترجيح هٿيارن ۽ هٿياربند فوج تي کربين ڊالر خرچ ڪرڻ بدران موسمياتي تب??يلي، گلوبل وارمنگ، بک، غربت، وبائي مرضن، بيمارين ۽ ناخواندگي جهڙن عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ گهرجي، دنيا کي بک، غربت ۽ ناخواندگي جهڙا چئلينجز درپيش اهن جنهن تي اٽڪل هڪ ٽريلين ڊالر خرچ ڪري ضابطو آڻي سگ??جي ٿو جيڪو ترقي يافته دنيا جي فوجي خرچن کان تمام گهٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ تربيت هيٺ غيرملڪي فوجي آفيسرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي ڇو ته اهو رڳو انسانيت جي لاءِ تب??هي ۽ مصيبتون آڻي ٿي. هن ڳالهين ۽ مفاهمت جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان عالمي ۽ ع??ائقائي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ملي سگ??ي. هن چيو ته جنگين دنيا جي مختلف خطن ۾ تب??هي مچائي آهي ۽ خاص طور تي وچ اوڀر ۽ آفريقا ٻين ملڪن پ??ران م??هي?? جنگين ۽ گڏيل تڪرارن جي ڪري تب??هي جو شڪار ٿيا آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا ۾ پولرائيزيشن ۽ ٻيهر صف بندي ٿي رهي آهي ۽ اسرندڙ ملڪن کي عالمي دشمنين ۾ غيرجانبدار رهڻ گهرجي. علائقائي تعاون بابت ڳالهه ڪندي صدر چيو ته آسيان جهڙيون ٻيون علائقائي تنظيمون اقتصادي ۽ ع??ائقائي تعاون جي فروغ ۾ تمام موثر ۽ ڪامياب آهن پ?? افسوس آهي ته ڀارت جي ڏاڍ واري رويي ۽ خطي جي ٻين ننڍن ملڪن تي بالادستي قائم ڪرڻ جي ان جي خواهش جي ڪري سارڪ پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگ??ي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي پر بدقسمتي سان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد نه ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي ۽ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهري آبادي جي خلاف ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۾ مدد ڪري. صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين ۽ قربانين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي شڪست ڏني. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا پاڪستان جو سڀ کان قديم ۽ پريميئر فوجي تربيتي ادارو آهي، هن وقت مختلف دوست ملڪن جا فوجي آفيسر هن ڪاليج ۾ تربيت هيٺ آهن جن ايوان صدر جو دورو ڪيو.