اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يو??ري?? جي صدر ولادي مير زيلنسڪي ٽيليفو?? ڪئي، ٻنهي صدرن پاڪستان ۽ يو??ري?? جي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪستان ۽ يو??ري?? جي صدرن روس – يو??ري?? جنگ جي ڏس ۾ اسرندڙ د??يا کي درپيش توانائي ۽ خوراڪ جي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن جي صدرن پاڪستان ۽ يو??ري?? جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر زيلنسڪي پنهنجي 10 نقاطي امن فارمولي جو حوالو ڏيندي يو??ري?? روس تڪرار جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ قرارداد جي مسودي تي پاڪستان جي حمايت طلب ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته روس يو??ري?? جنگ تي پاڪستان کي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر موجب جنگ جي پرامن حل جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان حڪومت پاران تجويز ڪيل قرارداد جي نقطن جو جائزو ورتو پيو وڃي. يو??ري?? جي صدر زيلنسڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يو??ري?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.