فيصل آباد – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيصل آباد ۾ مفت ??ٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو ۽ اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. هن مفت ??ٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد ۾ مفت ??ٽو ورهائڻ واري مرڪز جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پاڻ به مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا ۽ ان موقعي تي عورتن کان اٽي جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن بابت معلوم ڪيو، عورتن مفت ??ٽي جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم مفت ??ٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد جي 11 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي مفت ??ٽي جا ٿيلها فراهم ڪيا پيا وڃن?? فيصل آباد جي 5 تعلقن ۾ روزانو هڪ لک 25 هزار ٿيلها ڏنا پيا وڃن ۽ هر خاندان کي 10 ڪلوگرام اٽي جا ٽي ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن، مفت ??ٽو 25 شعبان کان 25 رمضان تائين فراهم ڪيو پيو وڃي. ملڪي تاريخ م پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران مفت ??ٽي جي فراهمي جاري آهي. عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.