اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ واپس پنهنجون ذميواري??ن سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو عمل افغان عبوري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترجمان چيو ته 15 اپريل تي وقتي افغ??ن پرڏيهي وزي?? امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي اسان جون ن??ڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي.