اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پاڪستان ۽ ايران سرحد تي آهي، جتي هو ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٻئي اڳواڻ ملاقات ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ پاڪستان ايران ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جي نئين ??عبن جي ڳولا ڪندا. ترجمان چيو ته وزيراعظم ۽ ايراني صدر مند – پشين ??ارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مند – پشين ??ارڊر سسٽينينس مار??يٽ پلس ۽ پولان – گبد بجلي ٽرانسميشن ل??ئين ??و افتتاح ڪندا. ترجمان چيو ته مند – پشين ??ارڊر سسٽينينس مار??يٽ پلس ان جي 6 بارڊر مارڪيٽن مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان ايران سرحد سان گڏ تعمير ڪئي ويندي. ان جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي 21 اپريل 2021ع تي صحيحون ڪيون ويون هيون. هن چيو ته سرحدي بازارن جو تصور پاڪستان ايران سرحد تي ماڻهن جي سهولت لاءِ سرحد پار واپار ۾ اضافي، اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار جي لاءِ موقعن جا نوان رستا کولڻ جي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پولان پلس گبد بجلي جي پهچ لائين گذريل سال جولاءِ ۾ توانائي واري وفاقي وزير جي ايران جي دوري دوران ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. 132 ڪي وي ٽرانسميشن ل??ئين مڪران ڊويزن جي بجلي جي ٽرانسميشن ل??ئين ??ي ذريعي ايران کان خريد ڪيل بجلي سرحدي مڪران خطي جي ضرورت کي پورو ڪندي. پولان گبد جي رستي اضافي 100 ميگاواٽ بجلي بلوچستان صوبي ۾ گهرن ۽ ڪاروباري ادارن جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.