ڪوئيٽا – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري سان بي اي پي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملا??ات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ سياسي پارٽي پاران ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافي، جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي سياست جي مذمت ڪئي جڏهن ته ملا??ات ۾ قوم پاران منفي سياست کي رد ڪري پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. ملا??ات ۾ بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جي حل تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي ??مل?? تعاون کانسواءِ ممڪن نه آهي. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي احساس محرومي جي شڪار ننڍن صوبن کي اهميت ڏي ٿي. هن يقين ڏياريو ته هو بلوچستان جي مالي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن سان ڳالهه ڪندو.