اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته سرٽيفائيڊ ڪوڙو 9 مئي جي سانحي تي عوامي ردعمل تي مظلوم بڻجڻ جو ڪوڙ ٺاهي رهيو آهي، هي اهو ئي شخص آهي جنهن انصاف جي ڳولا ڪندڙ طيبه گل کي اغوا ڪيو، نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو، ٺوس ثبوت کانسواءِ سنگين الزام رڳو عمران خان جهڙو ”ميڊيا پريڊيٽر“ ئي هڻي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته ”مرد روبوٽ ناهن هوند??“ ??وندڙ ۽ لباس جي ڪري عو??تن ۽ ننڍي عمر جي ٻارڙين تي حملن جي وڪالت ڪندڙ سرٽيفائيڊ ڪوڙو 9 مئي جي سانحي تي عوامي ردعمل تي مظلوم بڻجڻ جو ڪوڙو ٺاهي رهيو آهي، هي اهو ئي شخص آهي جنهن انصاف جي ڳولا ڪندڙ طيبه گل کي اغوا ڪيو، وز??راعظم هائوس ۾ قيد ۾ رکيو، ان جي ڏنل ثبوت تي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو. عورت صحافين سان بدتميزي ۽ بدسلوڪي جي انتها ڪئي، انهن بابت چيو ته انهن کي ”مردن ۾ گهرڻ جو شوق آهي.“ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته عمران خان جا اوورسيز پاڪستانين ۽ دنيا کي گمراهه ڪرڻ جا ڪڌا حربا به سائفر ۽ ٻين ڊرامن وانگر فلاپ ٿيندا. هن چيو ته عمران خان پروپئگنڊه ڪرڻ بدران ثبوت پيش ڪري نه ته زبان بند ڪري. عمران خان ثبوت کانسواءِ سنگين الزام هنيا جيڪي ڪنهن به صورت ۾ بر??اشت نه ڪنداسين، هي پي ٽي آءِ جي بليڪ ميلنگ ۽ بي حسي جو دور نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ٺوس ثبوت کانسواءِ سنگين الزام رڳو عمران خان جهڙو ”ميڊيا پريڊيٽر“ ئي هڻي سگهي ٿو جيڪو روزانو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، جعلي وڊيوز ۽ فوٽوز جاري ڪندي پڪڙيو وڃي ٿو.